سرينگر-02 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ته جيئن عالمي برادري کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قابض آهي ۽ ڪشميري گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل حق خود اراديت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غير قانوني طور تي نظربند چيئرمين م??رت عالم بٽ ۽ سينئر اڳواڻ شبير احمد شاهه نئين دهلي ۾ بدنام زمانا تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغامن ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪندي چ??و آهي ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميرين جي سڃاڻپ تي هڪ سخت حملو ڪيو. ٻين حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن به 5 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هنن سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 5 آگسٽ سومر ڏينهن احتجاجي مظاهرا ڪن. حريت قيادت واضح ڪيو ته مودي حڪومت ڄمون ڪشمير جي تڪراري خطي جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن سان گڏوگڏ عالمي قانونن، اصولن ۽ ضابطن جي به سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ه??ن چيو ته آزادي پسند ڪشميرين مودي حڪومت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي هڪدم رد ڪري ڇڏ??و آهي ۽ هو پنهنجي شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري ??کڻ لاءِ پرعزم آهن.
متعلقہ مضامین
-
Dar presses Kabul to take concrete steps against terror groups
-
Sindh announces Shab-e-Barat holiday on February 14
-
National policy to combat terrorism on the anvil
-
Pakistan’s total liquid foreign reserves reach $15.75bn
-
3 lanes on GT road like motorways: Aleem Khan
-
Pakistan mourns Pope Francis, praises his global legacy of peace and harmony
-
Destiny of the Sun and Moon Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
Sindh gives Hindu minority right to officially register marriages
-
Saad lauds army chiefs step on corruption
-
Pakistani team to reportedly probe Imran Farooq case
-
SC suspends LHC verdict on PIA union elections
-
Court orders another 14-day physical remand of Raisani