اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي اسڪولن ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ جامع تعليم جي فراهمي ??قيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جسماني صلاحيت، سماجي ۽ اقتصادي پس منظر کان هٽي ڪري سمورن ٻارن کي هڪ جهڙا تعليمي ??وقعا ڏيڻا پوندا، نجي اسڪول، فلاحي تنظيمون معذور ٻارن سميت سڀني جي لاءِ تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ حڪومتن جو ساٿ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي جي نجي اسڪولن ۽ اين جي اوز جي ??نت??ام هيٺ اسڪولن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي، سنڌ جي تعليم واري نگران وزير مسز رانا حسين، سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۽ ڪراچي ۾ اسڪولن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر اسڪولن جي لاءِ ٺوس نصاب ج?? تياري ۽ لاڳو ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جامع نصاب ۾ تدريسي طريقن ۽ معذور شاگردن جي ضرورتن ک?? نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته تعليمي ادارن کي ريمپ، لفٽ ۽ ٻين ضروري سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن جامع تعليم تي هڪ بنيادي چارٽ تيار ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان ۾ جامع تعليم جي سمورن بنيادي رخن کي شامل ڪر?? گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي شعبي ۽ اين جي اوز جي مدد سان پاڪستان ۾ جامع تعليم تي اتفاق راءِ پيدا ڪر?? تي پڻ زور ڏيندي چيو ته سنڌ اسڪول ايجوڪيشن ۽ خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جا ادارا نجي اسڪولن ۽ اين جي اوز سان رابطو رکن، نجي اسڪول جامع تعليم تي پنهنجي ويزن ۽ بهترين تجربن کي سنڌ حڪومت سان شيئر ڪن. صدر چيو ته جامع تعليم تي بنيادي چارٽ جي تياري جي لاءِ نجي اسڪولن کي خصوصي ماڻهن تي موجوده قانوني فريم ورڪ ک?? نظر ۾ رکڻ گهرجي، نجي اسڪول پهرين کان اٺين درجي تائين جامع تعليم تي نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي نصاب ج?? جائزو وٺن. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ جامع تعليم جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ تي صدر ۽ خاتون اول کي ساراهيو. ان کان اڳ صدر کي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ جامع تعليم تي بريفنگ ڏني وئي.
متعلقہ مضامین
-
Dar presses Kabul to take concrete steps against terror groups
-
Sindh announces Shab-e-Barat holiday on February 14
-
National policy to combat terrorism on the anvil
-
Pakistan’s total liquid foreign reserves reach $15.75bn
-
3 lanes on GT road like motorways: Aleem Khan
-
Pakistan mourns Pope Francis, praises his global legacy of peace and harmony
-
Destiny of the Sun and Moon Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
Sindh gives Hindu minority right to officially register marriages
-
Saad lauds army chiefs step on corruption
-
Pakistani team to reportedly probe Imran Farooq case
-
SC suspends LHC verdict on PIA union elections
-
Court orders another 14-day physical remand of Raisani